ڪھاڻي- بي ڏوھ باغي
ليکڪ- عاقب ايوب
فڪشن اسٽوري
قسط نمبر 1
منھنجي گھر کي قومپرستن جو قلعو چيو ويندو آھي، اسان سڀ ڀائرن جي سڃاڻ ڪامريڊ، ديشي يا انقلابي سان ٿيندي آھي
حالانڪه اسان اٺ ڀائر آھيون، بابا کان علاوه ھرڪو قومپرست ۽ ھڪ عھديدار ڪارڪن رھي چڪو آھي سنڌ ،جي مختلف آزادي جي تحريڪ وارين پارٽين جو
مان ۽ منھنجا ٻہ ڀائر مارڪسزم جا قائل آھيون پر رڳن ۾ تہ قومپرستي جو رت گردش ڪري رھيو آھي ان لاء ھميشہ سنڌ کي اول رکندا آھيون ،جرمن فلاسافر مارڪس جي ڪميونزم جي نظريي کي اسان جي معاشري ۾ ڪفر ۽ ان
جي پوھيوارن کي ملحد يعني خدا جو انڪاري سمجھيو ويندو آھي انڪري صرف پڙھيل لکيل ۽ ويجھن ئي دوستن کي ان باري ۾ اسان جي خبر آھي ،مان آھيان عاطف، ھن وقت مان بلوچستان ۾ آھيان، منھنجي زندگي ڪنھن ھڪ پل ۾ اھڙو جھٽڪو کاڌو جو مان سڀ کان پري اڪيلو پنھنجي وطن لاءِ جنگ ڪري رھيو آھيان ، مان فدائي آھيان ، ۽ منھنجو اھو حال ڪرڻ واري منھنجي محبت ئي آھي جنھن منھنجي ھسمڪ جيون کي تباھ ڪري مونکي سڀ جي محبتن کان باغي ڪري مون ۾ صرف سنڌ امڙ جي لاءِ ھڪ اھڙي محبت پيدا ڪئي آھي جنھن جي ڪري آءٌ ڪنھن ساڻ بہ وڙھي ٿو سگھان.
يونيورسٽي جي زندگيءَ ھر شاگرد جي زندگي جو ھڪ اھڙو موڙ آھي ، جتي ھو گھڻو ڪجھ سکي ٿو علم کان وڌيڪ ھو زندگي جيئڻ جو طريقو سکي ٿو، سياست سکي ٿو حقيقي محبت سکي ٿو، دل ٽٽڻ باوجود خوش رھڻ سکي ٿو، پنھنجي پيرن تي بيھڻ سکي ٿو، گھر وارن کان بغير زندگي ڇا ھوندي آ ڪيئن گذرندي آ ھو سڀ ڪجھ ھتي ئي سکي ٿو، مان بہ ڪجھ پنھنجون ڪجھ گھر وارن جون آس .۽ اميدون کڻي ھتي آيو ھئس
منھنجي داخلا انگلش ادب ۾ ٿي ھئي حالانڪه منھنجي ماڌري ٻولي ۽ قومي ٻولي سنڌي آھي منھنجي پسنديده ٻولي بہ سنڌي آھي، منھنجا پسنديده شاعر ڀٽائي شيخ اياز استاد بخاري حليم باغي امداد حسيني جھڙا اھن، منھنجا پسنديده ليکڪ سائين جي ايم سيد مرزا قليچ بيگ جھڙا آھن ، انگلش جو ادب بہ دنيا جو مشھور ادب آھي پر ھر انسان جا پنھنجا خيال ۽ پنھنجي پسند ھوندي آھي، شايد منھنجي اندر قومپرستي آھي انڪري مون کي سنڌي ادب وڌيڪ .نزديڪ آھي
خير مان يونيورسٽي جي پھرين دروازي باب سنڌ ماروي گيٽ مان داخل ٿيس تہ ھر طرف ھڪ الڳ ئي خوشبو الڳ ئي رونڪ ھئي، باب سنڌ ان لاء بہ مشھور ھو جو اھو ھڪ قديمي عمارت جيئان ٺھيل ھو، ۽ داخل ٿيندي ئي ساڄي پاسي باغ ۽ کاٻي پاسي نياڻين جو ھاسٽل ھو (ماروي گرلز ھاسٽل)، ھتي سنڌ جي مختلف شھرن مان آيل ڪيتريون ئي اپسراھيون رھنديو ھيون انھن جي خوشبو ھر ايندڙ ويندڙ کي ان عمارت ڏانھن نھارڻ تي مجبور ڪندي ھئي ھر ايندڙ ويندڙ نوجوان ڇوڪروايندي ويندي ان گرلز ھاسٽل جي عمارت ڏي ڏسندو ھو تہ من ڪنھن ،جو ديدار نصيب ٿئي
ٿورو اڳتي وڌيس تہ گرلز جمنازيم وٽان ڪجھ خوبصورت ڇوڪريون ٽولو ٺاھي بيٺيون ھيون، مان تہ ھئس ڳوٺاڻو مان ڪڏھن ڇوڪرين کي اھڙي لباس ۾ نہ ڏٺو ڪجھ پينٽ شرٽ ڪجھ نڪر ۾ ڪجھ اسپورٽس ڪٽ ۾ ھيون شايد اھي جمنازيم ۾ راند کيڏڻ آيون ھيون، مونکي يونيورسٽي جا رڻ ۽ کالي پڌر بہ خوبصورت نظر اچي رھيا ھا ڇو جو منھنجي خوابن جي تڪميل ٿي رھي ھئي مان ننڊپڻ کان ان ورسٽي جي باري ٻڌنڌو ھئس اڄ ھتي پڄي واقعي احساس ،ٿيو تہ زندگي ڏاڍي حسين آ
مان ھڪ عجيب ڪشمڪش ۾ ھئس ڇو جو مونکي ھتان جي ماحول جي ڄاڻ نہ ھئي مان ڳوٺاڻي ويس ۾ وارن تي تيل لڳل پاسيري سينڌ ڪيل پيرن ۾ نوروزي ۽ ڪلھي تي شال پاتل ڇوڪرو، انگلش ڊپارٽمينٽ پڳس تہ يڪدم ائين لڳو مان جنت جي ڪنھن باغ ۾ آھيان، ھرطرف رونق ۽ چھرن تي خوشيون ھيون، سينيئر ڇوڪرا نين آيل ڇوڪرن جو انٽرو وٺي رھيا ھئا ۽ انھن کي تنگ ڪري رھيا ھئا، ڪلاس ۾ داخل ٿيس تہ ساڄي پاسي ڏسي اندر ٺريو پئي ويو سھڻين جو ھڪ وڏو حجوم ھو ۽ کاٻي پاسي مون جھڙا سنڌ جي ڪنڊ پاسن مان آيل الڳ الڳ قبيلن الڳ ريتن رسمن، مذھب ٻولي وارا ڇوڪرا ھا، مونکي ھاڻ اھا تہ پڪ ٿي وئي تہ ايندڙ چار سالن لاء ڪلاس جي ڪمري ۾ جيڪي موجود آھن سڀ منھنجي فيملي آھن، ڇو جو انسان سوشل اينيمل آھي جتي بہ رھي ان کي اردگرد جي ماڻھن سان رابطو رکڻو ھوندو آ جيڪا ان جي مجبوري آھي .استاد واري واري سان ايندا ويا ۽ پنھنجو تعارف سبجيڪٽ ۽ فيلڊ متعلق سڀن الڳ الڳ رايا ڏنا،پھريون ڏينھن ايڏي تيز گذريو جو خبر ئي ڪان پئي.
ڪلاس کان واپس جڏھن پنھنجي فليٽ تي ويس تہ ھڪ عجيب ئي ڪيفيت مون مٿان طاري ھئي تہ جلد ٻي صبح ٿئي مان وري يوني وڃان، يوني سان منھنجي عجيب دل لڳي وئي ھئي مونکي يوني کان بغير سڪون نہ پئي آيو،ٿوري دير لينن جي ڪتاب سوشلسٽ ڊيموڪريسي کي پڙھيو ڪجھ گھمڻ ڦرڻ ۽ انٽري واري دوستن سان وقت گذاريو رات جو ۲ ٿي ويا ۽ مان ھڪ خيالي دنيا ۾ گم ٿي ويس خبر ئي ڪان پئي تہ ڪنھن مھل رات جي چادر مونکي پنھنجي ڀاڪر ۾ سمھاري ڇڏيو.

